اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏي??ي وزير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏي??ي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙ??ه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏي??ي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.