اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لا??يف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لا??يف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لا??يف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لا??يف موقف اختيار ڪيو ته فوتي جي موت رستي ح??دثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لا??يف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لا??يف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ته اسٽيٽ لا??يف جي فيلڊ آفيسر جي رپ??رٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپ??رٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿ?? ان لاءِ اسٽيٽ لا??يف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لا??يف انشورنس پاليسي ح??صل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي ح??دثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لا??يف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لا??يف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.