اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي مفت اٽي جي فراهمي جي سهولتن جو جائزو ورتو. ان مو??عي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئي. وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ مفت اٽو فراهمي جي سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جيڪي ماڻهو شامل نه آهن انهن جي لاءِ جدا ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم اٽي جي ورڇ جي لاءِ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان مو??عي تي وزيراعظم ڪمزور شهرين کي انتظار ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي فوري اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بزرگ شهرين ۽ عورتن کان اٽي ورڇ جي حوالي سان ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ معلوم ڪيو. هن مستحق ماڻهن ۾ پنهنجي نگراني ۾ مفت اٽو ورهايو. وزيراعظم ان مو??عي تي ڳالهائيندي چيو ته اٽو ورهائڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، عوام جو انگ به تمام وڌيڪ ??هي?? انهن سڀني کي ويهڻ جي مناسب سهولت ڏني پئي وڃي جيڪا خوش آئنده ??هي?? اسان کي آپريشنل مسئلن ۾ رڪاوٽون ختم ڪر??يون آهن، انتظاميا سچائي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مسئلن کي حل ڪر?? جي لاءِ فوري حڪمت عملي اختيار ڪر??ي پوندي. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فوٽو ڪاپي تي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي فوري آگاهه ڪري. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي تمام گهڻي حوصلي جوڳي آهي.