اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڻڪ??ري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورت?? کي وڌائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فل??رل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي موقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مر??ن سان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته فل??رل آرٽ هڪ شوق ئي نه پر ذهني صحت جي لاءِ به ضروري آهي، ساوڪ سان توهان تازگي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها بي چيني ۽ پريشان?? کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ساوڪ سان ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ماحول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي فروغ ڏين ڇو ته ان سان ماحول کي متوازن رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪستان جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ان قدم سان پاڪستان جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪ??ري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورت?? کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم لازي آهن، پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئون به فل??رل آرٽ جي ميمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوششن سان مهارت ۽ تخليق فن کي وڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغبان?? کي فروغ ڏيڻ گهرجي. بيگم ثمينه عارف علوي نمائش ۾ رکيل فل??رل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.