اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين ک??ن پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ??ينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر جي امير ۽ پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلا?? ۾ ??رڪت لاءِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ايل ??ي سيز) گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس بابت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ايل ??ي سيز کي درپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن بابت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ک??ن پوءِ هاڻي خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي غيرمحفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهبود کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ايل ??ي سيز جي بهتر خدمت ڪري سگهجي ٿي.