اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي ضرورت آهي، هلندڙ بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڌي چڙهي ان مهم ۾ حصو وٺن، عالم سڳورا عوام ۾ ان حوالي سان شعور اج??گر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهار جي موس?? جي وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو هڻي هلندڙ بهار جي موس?? جي وڻڪاري مه?? جي شروع??ت ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڄي پاڪستان ۾ وڻڪاري مهم 2023ع جي شروع??ت ڪري رهيا آهيون، هلندڙ سال بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻڪاري مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، ان سڄي منصوبابندي ۾ اسان جي م??سم??اتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم خصوصي دلچسپي ۽ محنت آهي، پاڪستان جي ڪل ايراضي جي ڀيٽ ۾ ٻيلن جي شرح رڳو 5.45 سيڪڙو آهي، اسان کي ان کي هنگامي بنيادن تي وڌائڻو پوندو، 2015ع ۾ نيشنل فارسٽ پاليسي جو ڪريڊٽ منهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻيلن جي بحالي جي نئين سر شروع??ت ڪئي وئي ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته ٻيلا ماحول کي تبديل ڪن ٿا ۽ ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جو هڪ اهم ڪردار آهي، صحتمند ماحول ۽ بي شمار منفي اثرن کان بچاءُ ۾ ٻيلا وڏو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستان ۾ م??سم??اتي تبديلي جي نتيجي ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ٻيلن جي اهميت کي اڃا به وڌيڪ اج??گر ڪيو آهي، تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، 30 ارب ڊالر جو اسان جي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ وڻڪاري کي قومي نصب العين بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي، اسان کي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ قومي سطح تي نه رڳو عملي قدمن جي ضرورت آهي پر تعليمي ادارن ۾ به ان جي آگاهي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي فردن ۽ اج??ماعي گذارش آهي ته ان مهم ۾ اهي وڌي چڙهي حصو وٺن، عالم سڳورا به مدرسن ۾ وڻن جي اهميت کي اج??گر ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻن، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ حديثن مان اسان کي وڻن جي اهميت بابت تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جنگ جي صورت ۾ به ميويدار وڻن کي وڍڻ منع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ شهري آباديون ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجنديون پيون وڃن، اسان کي شهرن ۾ به وڻن ۽ گرين ايرياز جي انگ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ برائون ايرياز کي جيترو گهٽ ڪري سگهون ايترو ماحول جي لاءِ تمام سٺو هوندو. ان جي لاءِ قوم کي اپيل ڪندس ته اها هن وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ۽ اچو اسان سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڪستان جي عوا?? جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اسان مڪمل ۽ اج??ماعي طور تي وقف ڪريون.