ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ انشورنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان قدم سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ?? اضافو ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ معيشت مضبوط ٿيندي، سٺي انشورنس ۽ بئنڪنگ م??نو??ات ”بئنڪ ايشورنس“ جي شعبي ۾ ماڻهن جي اعتماد سان گڏوگڏ معيشت ۾ ليڪويڊيٽي جي ڪاٿي ?? اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. صدر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ ”بئنڪ ايشورنس ۾ شفافيت ۽ محتسب جي ڪردار“ جي عنوان سان منعقد ڪانفرنس دوران چئي. ڪانفرنس ۾ وفاقي بئنڪنگ محتسب ڪامران شهزاد، وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل، چيئرمين انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان محمد حسين هرجي، بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽري جي عهديدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چ??و ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽري کي ترقي ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ هڪ ريگيوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري. هن انشورنس انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها چيڪ اينڊ بيلنس ۽ فلٽرنگ مڪينزم کي بهتر بڻائي ۽ پاليسي هولڊرز کي انشورنس پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ مناسب احتياط ڪري، ان کانسواءِ انشورنس ڪليمز کي وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ادا ڪيو وڃي. صدر وڌيڪ چ??و ته انشورنس سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ مل جي جي ڊي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چ??و ته پاڪستان جي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻين علائقائي ملڪن ۾ اهو 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. صدر چ??و ته انشورنس سيڪٽر عام ماڻهن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ م??نو??ات پيش ڪري سگهي ٿو ته جيئن منافعو ڏيندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ ماڻهن کي بچتن کي ترغيب ڏئي سگهجي ۽ معيشت کي سهارو ڏئي سگهجي. هن ملڪ جي دولت کي گردش ۾ رکڻ جي لاءِ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ رکيل رقم کي معيشت جي ٻين پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چ??و ته فصل جي بيمي ۽ سماجي انشورنس جهڙي ??ئي?? م??نو??ات کي موجوده موسمي حالتن جي ڏس ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. صدر چ??و ته انشورنس جي م??نو??ات ۽ خدمتن تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاليسي وڪرو ڪرڻ وقت ماڻهن کي انشورنس پاليسين بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چ??و ته بيمي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي سيلز فورس پاران فيئر پلي جي ذريعي صارفين جو اعتماد کٽڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ترقي بابت آگاهه ڪيو. هن چ??و ته گذريل سال دوران شڪايت ڪندڙن کي 2.57 ارب رپين جي لاڳت جو مالي ريليف فراهم ڪيو ويو، اهو وفاقي انشورنس محتسب ۾ تڪرارن جي دوستاڻي حل ۽ شڪايتن جي ازالي جي موثر نظام جي ذريعي ممڪن ٿيو آهي. ان کان اڳ صدر متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا.