اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين ضمني ??ونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو متفقه فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ب??ان ۾ چيو ته فسادي پارٽي ضمني ??ونڊون وڙهي ۽ اسيمبلي ۾ اچي و??ي. هن چيو ته فسادي پارٽي استعيفائن جي منظوري ۽ ڪڏهن استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي لاءِ عدالتن ۾ وڃي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊون وڙهڻيون هيون، ايوان ۾ ئي اچڻو هو ته اسيمبليون ڇو ٽوڙيون؟ استعيفائون ڇو ڏنيون هيون؟ فسادي پارٽي چڪرائجي وئي آهي ته ڇا ڪري، عدالت وڃي، اسيمبلي و??ي يا اليڪشن ۾ وڃي. هن چيو ته ملڪ کي ڪنهن هڪ شخص جي انتشار جي ور چاڙهڻ نه ڏينداسين.