اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ پاران صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته هن اڳ ۾ ئي ارشد شريف جي قتل تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو هو. وز??راعظم چيو ته حڪومت ان معاملي تي عدالت سان هر مم??ن تعاون ڪندي.