اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي ??اوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي ??وران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو ۽ ورلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ??عزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي ??اوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي ??لاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي ??ربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي ??انديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي ??اوجود هڪ ٻئي جي ??وصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ??تارن جي ??اندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي ??ٺي ڪارڪردگي س??ني پاڪستانين جي ??ندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي ??مايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي ??اقت بڻي.