اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کا??پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کا??پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متو??ع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ??فت??ر وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوا??ي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.