اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو ??رد??ري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پهچڻ ت?? استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو ??رد??ري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو ??رد??ري سان ملاقات ڪئي.