اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف آذربائيجان ج?? صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائيجان پاران پاڪستان ج?? ٻوڏ متاثرين ج?? لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سند?? ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن ج?? ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن ج?? نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن ج?? ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان ج?? نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پاڪستان ج?? تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي و??جا??و. پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذربائيجان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت ر??بط?? گروپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن ج?? عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.