اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر م??ڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرني??نل ايئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ ني??نل ڊيزاسٽر م??نيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدادي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان متاثر م??ڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد جي پهرين جهاز جو جناح انٽرني??نل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير م??مد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال ا??انصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ ني??نل ڊيزاسٽر م??نيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.