راولپنڊي – 05 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذ??ي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سي??ٽم??ر تي دفاع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو دفاع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سي??ٽم??ر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارت?? فوج ڪشمير ۾ پاڪستان?? فوج کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻايو آهي ت?? پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فضائي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.