ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بي??ظي?? انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بي??ظي?? انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي ا??دا?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بي??ظي?? انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ?? 25 ??زار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي ا??دا?? ورهائي آهي. بي??ظي?? انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي ا??دا?? ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي مالي ا??دا?? لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بي??ظي?? انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ متاثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.