اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريپانس ٽيمون وادي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واقعي پي اي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معائنو ڪيو ۽ پي اي ايف ٽيمن طرفان فراهم ڪيل ام??اد?? ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پ??ڪ فضائيه جي ترجمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پ??ڪ فضائيه جي ٽيمن متاثر خاندانن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا، 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ بنيادي کاڌي پيتي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پ??ڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.