اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزا??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضور ﷺ عيد جي موقعي تي يتيم ٻارن جي مٿان هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طرز ??مل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر چيو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آهي، آئون آزا??ي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهش??ند هئس. هن چيو ته آزا??ي جي خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپو?? محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي لاءِ تمام ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.