فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته اسان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪش??يري عوام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽي?? وٺي ۽ ڪش??ير مسئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪش??ير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪش??ير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪش??يري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ڪش??ير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهن??از فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.