اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ۽ ان مرض کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيڻي آهي، سومر کان شروع ٿيندر پوليو ??هم کي گڏج?? ڪامياب بڻائڻو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پوليو هڪ جان وٺندڙ وائرس آهي جيڪو نه رڳو زندگي پر ٻارن جي مستقبل جي لاء?? پڻ خطرو آهي، اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته اسان اڃا تائ??ن مڪمل طور تي پوليو جو خاتمو نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو ??هم جو هدف 25 انتهائي ??ٺتي پيل ضلعا آهن، اچو گڏجي ان ک?? ڪامياب بڻايون ۽ پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيون.