اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف ع??را?? خان، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي ع??را?? خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيراعظم جو اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فر??شي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سم??هيل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سم??هيل سازش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سم??هن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.