اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي صارفين کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري جائزو وٺ??دي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ??يفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهرين کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفين کي موڪيل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري جائزي جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ??يفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿ??ند?? قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج موڪل??ند?? ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪل??ند?? ڪمپني کي ميسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ڊيٽ?? ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏيڻ جي پابند هوندي.