اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان چ??ن جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چ??و ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پيڪ جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پيڪ منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي سان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور ب??وچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ?? سي پيڪ منصوبي جي ذريعي خوشحالي ايندي، سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چ??و ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پيڪ جي حوالي سان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ جي حوالي سان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چ??و ته اهو سي پيڪ هڪ فلنگ منصوبو آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.