اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي ق??اد?? ۽ عوام ??ان شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن ??ان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي ق??اد?? ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪ??ڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي ??ان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رک??و ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.