اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن ??اه??واز رانجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ??ي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن ??اه??واز رانجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي ??ڪومت ۾ ترقي ??ي اها ئي رفتار نظر ا??ندي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.