ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم ميان محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي کي 2024ع تائين م??مل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي فراهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪراچي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعليٰ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وز??راعظم چيو ته هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ اتي ان پختي عزم جو اظهار ڪيو ته اسان باباءِ قوم جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪستان کي سندس خواب جي حقيقي تعبير بڻائينداسين. وز??راعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وز??ر ۽ سندس ٽيم سان مفيد ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وز??ر سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني، مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن لاءِ سنڌ جي وڏي وز??ر جي ٽيم محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان م??مل تعاون ڪندي ۽ وفاق ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وز??راعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وز??ر کي چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻايون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائن لاءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون، هاڻي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ا?? کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چيني حڪومت سان ڳالهه ڪريون. هن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو تمام وڏو چئلينج آهي، ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي اڌ گنجائش 2024ع تائين م??مل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هو پر مون هدايت ڪئي آهي ته 2024ع تائين ڪوشش ڪنداسين ته پورو منصوبو مڪمل ٿي وڃي ڇو ته پاڻي بنيادي ضرورت آهي، ڪراچي جو اهو مسئلو حل ٿي وڃي ته ا??ا عوام جي تمام وڏي خدمت هوندي، وز??راعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وز??ر صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ گرين لائين منصوبا تقريبن م??مل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شفاف طريقي سان ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ا?? مان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سان گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته ا??ا ٽرانسپورٽرز لاءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي، رمضا?? المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ والهاڻي استقبال تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان.