اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران ??ان ??ي خلاف بي اعتمادي ج?? رٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان ??ئين ۽ قومي اسيمبلي ج?? قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان ??ي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ پاران ??اقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اسپيڪر پاران ??ستعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي اسيمبلي ??جلاس ۾ بي اعتمادي ج?? قرارداد تي ووٽنگ دوران ??دارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعتمادي ج?? قرارداد تي ووٽنگ جي طريقيڪار کان ??گاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي ??روازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد تي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان ??وران ??اريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي ج?? باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان ??حريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران ??ان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان ??حريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران ??ان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران ??ان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي ج??هن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعتمادي ج?? قرارداد جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کان ??ڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي ج?? رٿ آندي وئي ج??ڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي خلاف ??ڻ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پارٽي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران ??ان ??ي خلاف 8 اپريل تي بي اعتمادي ج?? رٿ قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي ج??هن کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن ??ڻ مخالف ڌر سان ??عاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران ??ان ??ي خلاف بي اعتمادي ج?? قرارداد مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر پڻ پنهنجي عهدي تان ??ستعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اسپيڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان ??ي چونڊ کان ??ڳ نئين اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري پڻ پنهنجي عهدي تان ??ستعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اسپيڪر سان گڏ نئين ڊپٽي اسپيڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي اسيمبلي ج?? قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.