اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستاني?? کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪارو??ار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعت?? کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستاني?? کي غربت مان ڪڍڻ، صنعت?? کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪستان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻه?? کي غربت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏ??و، جهڙي طرح سرمايو آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستاني?? کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.